قومي اسيمبليءَ پاران مُختلف بلن جي منظوري

اسلام آباد-13 آگسٽ(اي پي پي) قومي اسيمبليءَ مُختلف بلن جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، قومي اسيمبليءَ ۾ وفاقي وزير علي پرويز ملڪ رٿ پيش ڪئي ته پيٽروليم ايڪٽ 1934ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري غور هيٺ آندو وڃي، جنهن جي منظوري کانپوءِ اسپيڪر بل جي شق وار منظوري ورتي، بعد ۾ هن بل کي منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. …

اسلام آباد-13 آگسٽ(اي پي پي) قومي اسيمبليءَ مُختلف بلن جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، قومي اسيمبليءَ ۾ وفاقي وزير علي پرويز ملڪ رٿ پيش ڪئي ته پيٽروليم ايڪٽ 1934ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري غور هيٺ آندو وڃي، جنهن جي منظوري کانپوءِ اسپيڪر بل جي شق وار منظوري ورتي، بعد ۾ هن بل کي منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي آرڊيننس 2002ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن جي منظوري کانپوءِ اسپيڪر بل جي شق وار منظوري ورتي. بعد ۾ هن بل منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.