لاهور - 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي 78هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند آهي، پاڪ فوج تازي جنگ ۾ ازلي دشمن ڀارت کي بدترين شڪست ڏني، ان شاندار ڪاميابي تي عالمي سطح تي پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو آهي، اها تاريخي فتح پاڪ فوج …
پاڪستان جي 78هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
لاهور – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي 78هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند آهي، پاڪ فوج تازي جنگ ۾ ازلي دشمن ڀارت کي بدترين شڪست ڏني، ان شاندار ڪاميابي تي عالمي سطح تي پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو آهي، اها تاريخي فتح پاڪ فوج جي ناقابل شڪست جذبي ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان قائداعظم جوهر ٽائون ۾ آزادي جي ڏهاڙي ۽ معرڪه حق جي سلسلي ۾ منعقد هڪ پروقار تقريب کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام نظريه پاڪستان اداري جي اهتمام هيٺ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ تقريري مقابلن کانسواءِ انعام ورهائڻ واري هڪ شاندار تقريب پڻ شامل هئي. تقريب ۾ ڊائريڪٽر جنرل پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ شفقت عباس، پروفيسر عابد شيرواني، نظريه پاڪستان اداري جي سيڪريٽري ناهيد عمران گل، ايڊيشنل سيڪريٽري سيف الله چوڌري، ناليواري صحافي ۽ گجزيه نگار عاصم نصير، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ معآسري جي مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ معززين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آزادي جو هي ڏهاڙو هر پاڪستاني جي لاءِ هڪ عظيم موقعو آهي ته هو پنهنجي آزادي جو قدر ڪري ۽ ان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪ فوج دشمن پاران رات جي اونداهين ۾ ڪيل بزدلاڻي حملن جو نه رڳو ڀرپور مقابلو ڪيو پر ان کي اهڙي شڪست ڏني جو دشمن ڀارت کي پٺتي هٽڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. هن چيو ته سپه سالار پاڪستان فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج فجر جي نماز کانپوءِ جوابي ڪارروائي جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ دشمن کي سخت سبق ڏنو ۽ ان کي شڪست جي اهڙي ڌُٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو جو هو پنهنجي جڳهه تان چُرڻ جي قابل به نه رهيو. ان ڪارروائي دشمن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ پاڪستان جي عسڪري طاقت کي عالمي سطح تي هڪ ڀيرو ٻيهر نمايان مقام ڏياريو. وفاقي وزير پاڪ فوج جي سمورن آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن جي بهادري، قربانين ۽ پيشيواراڻي مهارت اڄ پوري دنيا کي پاڪستان جي عسڪري قوت ۽ نظم ۽ ضبط کي تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اها فتح رڳو هڪ عسڪري ڪاميابي نه آهي پر پاڪستاني قوم جي اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جو عظيم مثال آهي. ان فتح پاڪستاني عوام کي اهو باور ڪرايو آهي ته اها ڪنهن به مشڪل حالتن ۾ پنهنجي وطن جي حفاظت ۽ ترقي جي لاءِ متحد ٿي مقابلو ڪري سگهي ٿي. عطاءُ الله تارڙ نظريه پاڪستان اداري جي انتظاميا کي ان جي شاندار ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته هي ادارو پاڪستان جي نظرياتي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۽ نوجوان نسل ۾ وطن سان محبت، تحريڪ پاڪستان جي مقصدن ۽ قومي يڪجهتي جي جذبي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙيون تقريبون نئين نسل کي پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ قومي قدرن سان ڳنڍڻ جو هڪ موثر ذريعو آهي. هن اداري جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هي تقريب نه رڳو آزادي جي ڏهاڙي جي جذبي کي زندهه رکڻ جو سبب بڻجي پر شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجي خيالن جي اظهار ۽ قومي فخر کي بلند ڪرڻ جو موقعو پڻ فراهم ڪيو. عطاءُ الله تارڙ پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي سدائين سلامت رکي ۽ ان کي ترقي جي نئين بلندين تائين وٺي وڃي. تقريب جي پڄاڻي تي تقريري مقابلن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا. شرڪت ڪندڙن ڪامياب شاگردن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته اهي پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ انهن کي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. تقريب ۾ شريڪ سمورن ماڻهن پاڪ فوج جي ان عظيم ڪاميابي تي فخر جو اظهار ڪيو ۽ وطن جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجي حمايت ۽ عزم جو ورجاءُ ڪيو.











