فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان آذربائيجان جي دفاع واري نائب وزير  ۽ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جي ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ

راولپنڊي-13 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آذربائيجان سان پاڪستان جي مضبوط ڀائراڻن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري ڪيل بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان آذربائيجان جي دفاع واري نائب وزير  ۽ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ڪرنل جنرل ڪريم وليوف جنرل هيڊڪوارٽرز …

راولپنڊي-13 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آذربائيجان سان پاڪستان جي مضبوط ڀائراڻن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري ڪيل بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان آذربائيجان جي دفاع واري نائب وزير  ۽ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ڪرنل جنرل ڪريم وليوف جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص طور تي موجوده عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي منظرنامي تي ڌيان ڏنو ويو. آرمي چيف آذربائيجان سان پاڪستان جي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ ڪامياب امن معاهدي تي معزز مهمان کي به مبارڪون ڏنيون. معزز مهمان معرڪه حق، آپريشن بنيان المرصوص ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارتن ۽ ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي. وفد يوم آزادي ۽ جشن فتح لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. فيلڊ مارشل معرڪه حق دوران پاڪستاني عوام سان گڏ بيهڻ ۽ يوم آزادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان جو جٿو موڪلڻ تي آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو. ٻنهي عسڪري اڳواڻن دفاعي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششن کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڪرنل جنرل ڪريم وليوف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف طرفان فيلڊ مارشل عاصم منير کي پاڪستان سان فوجي تعاون ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ آذربائيجان جو باوقار محب وطن جنگي تمغو ڏنو. هن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي مضبوط ڪوششن کي ساراهيو ۽ دفاع ۽ سلامتي ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ آذربائيجان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. معزز مهمان پاڪستان جي گرمجوشي سان مهمان نوازي ۽ آذربائيجان لاءِ مستقل حمايت تي ٿورو مڃيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي پاڪ فوج جي چست جٿي ڪرنل جنرل ڪريم وليوف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. هن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا.