پنجن سالن دوران وفاقي حڪومت جي فنڊنگ مان 45 ننڍا ڊيم ٺاهيا ويا آهن: آبي وسيلن واري وزارت

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي مختلف حصن ۾ 5 سالن دوران وفاقي حڪومت جي فنڊنگ سان 45 ننڍا ڊيم ٺاهيا ويا آهن جن ۾ 2 لک 19 هزار 780 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو، 2 لک 45 هزار 202 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي. آبي وسيلن واري وزارت طرفان شاهده رحماني جي سوال تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي لکت ۾ ٻڌايو ويو ته ننڍن ڊيمن جي تعمير بنيادي طور …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي مختلف حصن ۾ 5 سالن دوران وفاقي حڪومت جي فنڊنگ سان 45 ننڍا ڊيم ٺاهيا ويا آهن جن ۾ 2 لک 19 هزار 780 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو، 2 لک 45 هزار 202 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي. آبي وسيلن واري وزارت طرفان شاهده رحماني جي سوال تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي لکت ۾ ٻڌايو ويو ته ننڍن ڊيمن جي تعمير بنيادي طور تي صوبائي حڪومتن جو مينڊيٽ آهي تنهن هوندي به قومي پاڻي پاليسي موجب وفاقي حڪومت اهڙن منصوبن لاءِ خاص طور تي پاڻي جي کوٽ وارن علائقن ۾ فني ۽ مالي مدد فراهم ڪندي آهي. پاڪستان حڪومت قومي آبي وسيلن جي ترقي جي حڪمت عملي ۾ ننڍن ڊيمن کي شام ڪرڻ جي مسلسل حمايت ڪئي آهي، صوبائي حڪومتن سان گڏجي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ذريعي فنڊنگ فراهم ڪئي ويندي آهي. انهن منصوبن جي مقصدن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ، زميني پاڻي جي ريچارج کي بهتر بڻائڻ، ڏورانهن علائقن ۾ گهريلو استعمال لاءِ پاڻي فراهم ڪرڻ شامل آهي. گذريل پنج سالن دوران وفاقي فنڊنگ مان 45 ننڍا ڊيم جا منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته موجوده مالي سال ۾ وفاقي حڪومت 4 ننڍن ڊيم منصوبن تي عمل ڪري رهي آهي جن جي ڪل لاڳت 27.182 ارب روپيا آهي. مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اهو منصوبو مجموعي طور تي اٽڪل 1210526 ايڪڙ فوت پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش ۾ اضافو ڪندو ۽ 123984 ايڪڙ اضافي ايراضي کي آبپاشي تحت آڻيندا. قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته ننڍن ڊيمن جي تعمير ۾ دير جي بنيادي سببن ۾ بجيٽ جي کوٽ، زمين حاصل ڪرڻ بابت مسئلا، سماجي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز، پي سي ون ۾ ترميم، منصوباجاتي لاڳت ۾ اضافو ۽ موسيماتي تبديلي سبب غير معمولي موسمي حالتون ۽ ٻوڏ شامل آهي. قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته دير جي ازالي لاءِ پي ايس ڊي پي تحت فنڊنگ لاءِ وڌيڪ اثر رکندڙ منصوبن کي ترجيح ڏيڻ، مانيٽرنگ ۽ ڪارڪردگي جي جائزه ميڪينزم کي مضبوط بڻائڻ، زمين حاصل ڪرڻ کي تيز ڪرڻ ۽ انتظامي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي بهتر بڻايو پيو وڃي.