اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي دهشتگردي جي خاتمي جي (ترميمي) بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري رولز معطل ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. عاليه ڪامران چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ جي ٻن ڏينهن کان پوءِ ئي اهو بل غور هيٺ آڻي سگهجي ٿو. سينيٽ رولز معطلي جي رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. مخالف ڌر …
قومي اسيمبلي پاران دهشتگردي جي خاتمي جو (ترميمي) بل 2024ع منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي دهشتگردي جي خاتمي جي (ترميمي) بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري رولز معطل ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. عاليه ڪامران چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ جي ٻن ڏينهن کان پوءِ ئي اهو بل غور هيٺ آڻي سگهجي ٿو. سينيٽ رولز معطلي جي رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. مخالف ڌر طرفان ڳڻپ ڪرائڻ جو چيو ويو جنهن کانپوءِ ڳڻپ ڪرائي وئي. رٿ جي حق ۾ 125 جڏهن ته مخالفت ۾ 59 ووٽ پيا. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي خاتمي واري قانُون 1997ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري غور هيٺ آندو وڃي. ان تي گوهر علي خان پنهنجو موقف پيش ڪيو، ان جي جواب ۾ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايوان کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ترميمون پڙهيون وڃن ها ته هي اعتراض نه اٿاري ها. گذريل قانون کي ري ڊرافٽ ڪيو ويو آهي. ان تي حڪومت وٽ جيڪي ترميمون آيون آهن حڪومت ان جي مخالفت ناهي ڪئي انهن کي شامل ڪري رهيا آهيون. 2014ع ۾ ان ۾ ترميم ڪري 2 سالن تائين لاڳو ڪيو ويو. گرفتار جوابدار کي 24 ڪلاڪن ۾ ڊيوٽي ميجسٽريٽ آڏو پيش ڪرڻو آهي، آئين تحت سيڪيورٽي، سيفٽي ۽ ملڪي تحفظ لاءِ ڪنهن ماڻهو کي 90 ڏينهن تائين حراست ۾ رکي سگهجي ٿو. ملڪ هن وقت دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي، نعيمه ڪشور ۽ سيد نويد قمر تجويزون ڏنيون آهن، انهن جو ٿورو مڃون ٿا. انهن جي مدو ٽي سال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڊيشل ري ويو جو اختيار ڏنو ويو، سيد نويد قمر چيو ته ملڪ معمول جي حالتن ۾ هجي ته بنيادي حقن جي آئين گارنٽي ڏي ٿو، ڪجهه اهڙيون حالتون ٿي وينديون آهن ته پنهنجي عوام جي جان ۽ مال کي محفوظ بڻائڻ جا ڪجهه قدم کنيا ويندا آهن. انهن قانونن کي ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي. موجوده سيڪيورٽي حالتن ۾ ٻن صوبن ۾ لڳل باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سيڪيورٽي فورسز کي اختيار ڏنا وڃن. اسان اهڙيون تجويزن ان لاءِ ڪڍيون ته ڪنهن جي خلاف شڪي قرار ڏئي نه پر ثبوت موجوده هجڻ تي استعمال يقيني بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي. عاليه ڪامران جي ترميم جي مملڪتي وزير مخالفت ڪندي چيو ته دهشتگردي جي لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ فرنٽ لائن سيڪيورٽي فورسز جي مدد لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻيون پونديون. هن ٻڌايو ته ٻه کان ٽي سيڪيورٽي اهلڪار روزانو شهيد ٿي رهيا آهن، عاليه ڪامران چيو ته ڏوهه جي تصديق تي سزا ٿيندي آهي، هتي رڳو شڪ جي گرفتاري جي اجازت ڏني پئي وڃي، اسان چيو ته ان کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ موڪليو وڃي. مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪي ترميمون آنديون پيون وڃن انهن جي قانوني ضرورت جي باري ۾ قانوني ماهر بهتر ڄاڻن ٿا اهڙن قانونن جو ماضي ڊگهو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ آمريڪا جي قيادت هيٺ هلي رهي آهي ۽ مشرف دور ۾ ان جو حصو بڻجڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسپيڪر ترميم ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن تي گهربل انگ پورو نه نڪتو ۽ رٿ کي رد ڪيو ويو. شق وار منظوري دوران سيد نويد قمر جي ترميم جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي، شق وار منظوري کانپوءِ طلال چوڌري بل منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.











