رياض - 13 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي فلم ڪميشن مقامي فلم سازن کي چيو آھي ته ھو آسڪر ۾ شامل ٿيڻ جي تياري جي سلسلي ۾ پنھنجو ڪم ڪميشن وٽ موڪلي ڇڏين. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھو پھريون ڀيرو ٿي رھيو آھي ته ڪميشن مقامي فلم سازن کي چيو آھي ته ھو غور لاءِ پنھنجي ڪم سان گڏ درخواستون موڪلين ته جئين سعودي عرب، عالمي فيچر فلم جي …
سعودي عرب جي فلم ڪميشن پھرين ڀيرو آسڪر ۾ شموليت لاءِ درخواستون طلب ڪري ورتيون
رياض – 13 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي فلم ڪميشن مقامي فلم سازن کي چيو آھي ته ھو آسڪر ۾ شامل ٿيڻ جي تياري جي سلسلي ۾ پنھنجو ڪم ڪميشن وٽ موڪلي ڇڏين. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھو پھريون ڀيرو ٿي رھيو آھي ته ڪميشن مقامي فلم سازن کي چيو آھي ته ھو غور لاءِ پنھنجي ڪم سان گڏ درخواستون موڪلين ته جئين سعودي عرب، عالمي فيچر فلم جي ڪيٽگري ۾، 98 ھين اڪيڊمي ايوارڊز ۾ سرڪاري طور شريڪ ٿي سگھي. اھو معاملو گذريل سالن ۾ ڪميشن طرفان ان جي طي ڪيل معيار مطابق سڌي ريت نامزدگي تحت موڪليو ويندو ھو. جڏھن ته ڪميشن ھاڻي نئين سر قائدن ۽ سيلڪشن جي عمل جي نئين طريقڪار جو اعلان ڪيو جنھن تحت ڪميشن، آسڪر ايوارڊ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ باضابطه درخواست موڪليندي. انھن تبديلين ۾ ان ڪميٽي جي جوڙجڪ بابت تفصيل به ٻڌايا ويا آهن ته جيڪا آسڪر لاءِ نامزدگيون ڪندي، ڪنھن فلم جي ايوارڊ ڪيٽگري ۾ موڪلڻ يا نه موڪلڻ جي شرطن جو جائزو وٺندي ۽ ڪميٽي درخواست جي طريقڪار تي غور ڪندي. ان جي تبديلين جو ھڪ اھم مقصد انٽرنيشنل فلم انڊسٽري ۾ مملڪت جي پوزيشن کي سھڪار فراھم ڪرڻ ۽ سعودي عرب جي سينيما جي عالمي موجودگي ۾ اضافو ڪرڻ آھي.












