صدر آصف علي زرداري پاران آذربائيجان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار

اسلام آباد - 13 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آذربائيجان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو، جيڪي گڏيل اعتماد، قدرن ۽ خواهشن تي ٻڌل آهن. ايوان صدر پاران جاري ڪيل پڌرائي مُوجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر زرداري …

اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آذربائيجان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو، جيڪي گڏيل اعتماد، قدرن ۽ خواهشن تي ٻڌل آهن. ايوان صدر پاران جاري ڪيل پڌرائي مُوجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر زرداري چيو ته پاڪستان آذربائيجان کي هڪ اهم حصيدار طور ڏسي ٿو ۽ خاص طور تي واپار، معيشت ۽ رابطي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ چاهي ٿو. صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپاري رابطن، سيڙپڪاري ڀائيواري ۽ بهتر علائقائي رابطي ۾ واڌارو ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻيندو ۽ گڏيل خوشحالي جو حصو بڻجندو. صدر آصف علي زرداري آرمينيا سان تاريخي امن معاهدي تي سفير کي مبارڪباد ڏيندي کيس سندس نيڪ تمنائُون صدر الهام عليوف ۽ آذربائيجان جي عوام تائين پهچائڻ جو چيو. هن چيو ته اهو معاهدو خطي لاءِ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل ڏاهپ ۽ احترام جي بنياد تي ڳالهين ۽ پرامن طريقن سان مسئلن ۽ تڪرارن کي حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌي هوائي رابطن جي فعال ٿيڻ جي آجيان ڪئي، ان کي هڪ اهڙو قدم قرار ڏنو جنهن واپار، سياحت ۽ عوام کان عوام تائين رابطن لاءِ نوان رستا کوليا آهن. صدر آذربائيجان جو هندستان جي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي جائز مقصد لاءِ، خاص طور تي او آءِ سي رابطي گروپ جي هڪ قابل قدر ميمبر جي حيثيت سان تي ثابت قدمي سان حمايت ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.