طاقتور سامونڊي طوفان پوڊل تائيوان جي ڏکڻ اوڀر سامونڊي ڪناري سان ٽڪراجي ويو، ڪيتريون ئي اڏامون ملتوي

تائي پي-13 آگسٽ (اي پي پي) طاقتور سامونڊي طوفان پوڊل تائيوان جي ڏکڻ اوڀر سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائجي ويو جنهن سبب سوين ڏيهي ۽ پرڏيهي اڏامون رد ڪيون ويون. پرڏيهي ميڊيا موجب 191 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار تائين جي تيز هوائن سان آيل سامونڊي طوفان سبب گذريل ڏينهن ڏکڻ ۽ اوڀر وارن حصن جا وڏا علائقا بند رهيا. تائيوان جي موسميات کاتي موجب پوڊل مقامي وقت موجب منجهند جو …

تائي پي-13 آگسٽ (اي پي پي) طاقتور سامونڊي طوفان پوڊل تائيوان جي ڏکڻ اوڀر سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائجي ويو جنهن سبب سوين ڏيهي ۽ پرڏيهي اڏامون رد ڪيون ويون. پرڏيهي ميڊيا موجب 191 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار تائين جي تيز هوائن سان آيل سامونڊي طوفان سبب گذريل ڏينهن ڏکڻ ۽ اوڀر وارن حصن جا وڏا علائقا بند رهيا. تائيوان جي موسميات کاتي موجب پوڊل مقامي وقت موجب منجهند جو هڪ وڳي ڏکڻ اوڀر واري شهر تائتنگ سان ٽڪرايو. طوفان سبب ڏکڻ ميٽرو پوليس ڪاوشيونگ ۽ تائيوان سميت 9 شهرن ۾ آفيسن جو ڪم ۽ تعليمي سرگرميون معطل ڪيون ويون، سرڪاري اختيارين موجب طوفان پوڊل کان اڳ ئي 5500 کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. ٽرانسپورٽ واري وزارت ٻڌايو ته گذريل ڏينهن سموريون 252 ملڪي اڏامون ۽ 129 پرڏيهي اڏامون ملتوي ڪيون ويون. موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڏکڻ وارن جابلو علائقن ۾ 600 ملي ميٽرن تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي