سعودي عرب جي پرڏيھي وزير سان آمريڪا ۽ اردن جي ھم منصبن جو ٽيليفونڪ رابطو، غزه صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض - 13 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيھي وزير شھزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي ھم منصب مارڪو روبيو ٽيلي فون تي ڳالھه ٻولھه ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق رابطي دوران علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي خاص طور تي غزه صورتحال، ان جي سلامتي ۽ انساني اثرن، انھن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان علاوه شھزاده فيصل …

رياض – 13 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيھي وزير شھزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي ھم منصب مارڪو روبيو ٽيلي فون تي ڳالھه ٻولھه ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق رابطي دوران علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي خاص طور تي غزه صورتحال، ان جي سلامتي ۽ انساني اثرن، انھن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان علاوه شھزاده فيصل بن فرحان ۽ اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي وزير ايمن الصفدي سان رابطي ۾ ٻطرفن لاڳاپن، خاص طور غزه سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي