تهران -13 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي نائب صدر يورينيم جي رچاءُ کي ختم ڪرڻ واري ڳالهه کي مذاق قرار ڏيندي چيو آهي، ته جيڪڏهن حالتون سازگار رهيون ته ايران آمريڪا سان سڌيءَ ريت ايٽمي ڳالهيون ڪري سگهي ٿو. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي، ته ايران آمريڪا تي اعتماد نه ٿو ڪري، ايران جي سياسي معاملن بابت نائب پرڏيهي وزير ۽ ڳالهيون ڪندڙ ٽيم …
يورينيم جو رچاءُ ختم ڪرڻ واري ڳالهه مذاق آهي: ايران جو نائب صدر
تهران -13 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي نائب صدر يورينيم جي رچاءُ کي ختم ڪرڻ واري ڳالهه کي مذاق قرار ڏيندي چيو آهي، ته جيڪڏهن حالتون سازگار رهيون ته ايران آمريڪا سان سڌيءَ ريت ايٽمي ڳالهيون ڪري سگهي ٿو. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي، ته ايران آمريڪا تي اعتماد نه ٿو ڪري، ايران جي سياسي معاملن بابت نائب پرڏيهي وزير ۽ ڳالهيون ڪندڙ ٽيم جي ميمبر مجيد تخت روانچي ان ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته آمريڪا پاران پابندين جي خاتمي جي صورت ۾ ايران امڪاني طور تي پنهنجون ايٽمي سرگرميون محدود ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ايران هڪ منصفاڻي ۽ ٻه طرفي مفاد تي ٻڌل معاهدي تحت طئي شده عارضي پابنديون قبول ڪري سگهي ٿو. هن يورينيم جي رچاءَ کي ختم ڪرڻ واري آمريڪي شرط کي امڪاني معاهدي جي ناڪامي قرار ڏنو. هن چيو ته قريبي رابطا هڪ ٽياڪڙ ذريعي جاري آهن، جڏهن ته ڳالهين جي بحالي جي تاريخ اڃا واضح ناهي. هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي هفتيوار پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته آمريڪا تي اعتماد ممڪن ناهي جڏهن ته يورپي ملڪن سان ايٽمي مسئلي تي ڳالهيون جاري آهن، ٻه هفتا اڳ استنبول ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڳالهين کي جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو هو.












