اسٽيٽ بئنڪ، مالياتي ادارا، شيڊولڊ بئنڪون ۽ اسٽاڪ ايڪسچينجز 14 آگسٽ تي عام موڪل سبب بند رهندا

فيصل آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، اسٽيٽ بئنڪ بئنڪنگ سروسز آف پاڪستان، مالياتي ادارن ۽ سمورين شيڊولڊ بئنڪن ۾ 14 آگسٽ تي پاڪستان جي يوم آزادي جي سلسلي ۾ عام موڪلي هوندي جنهن سبب اهي بند رهندا. اسٽيٽ بئنڪ فيصل آباد جي ترجمان ٻڌايو آهي ته عام موڪل سبب ڪنهن به قسم جي ڪاروباري ڏي وٺ نه ٿيندي. ان کان علاوه پاڪستان جي آزادي …

فيصل آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، اسٽيٽ بئنڪ بئنڪنگ سروسز آف پاڪستان، مالياتي ادارن ۽ سمورين شيڊولڊ بئنڪن ۾ 14 آگسٽ تي پاڪستان جي يوم آزادي جي سلسلي ۾ عام موڪلي هوندي جنهن سبب اهي بند رهندا. اسٽيٽ بئنڪ فيصل آباد جي ترجمان ٻڌايو آهي ته عام موڪل سبب ڪنهن به قسم جي ڪاروباري ڏي وٺ نه ٿيندي. ان کان علاوه پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 14 آگسٽ تي سموريون اسٽاڪ ايڪسچينجز ۽ چيمبرز آف ڪامرس به بند رهنديون. اسٽاڪ ايڪسچينجز گارنٽيز لميٽڊ پاڪستان جي ترجمان مطابق آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ عام موڪل سبب شيئرز جي خريد ۽ وڪرو يا ڏي وٺ جو ڪو به ڪاروبار نه ٿيندو. ان کان علاوه صنعت ۽ واپار واري وفاقي ايوان جي سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.