واشنگٽن -13 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي تصديق ڪئي آهي، ته آمريڪا ۽ روس جي صدرن وچ ۾ 15 آگسٽ تي الاسڪا ۾ ٿيندڙ ملاقات جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٻئي ملڪ پرعزم آهن. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ملاقات جي تيارين تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق …
آمريڪا ۽ روس جي صدرن وچ ۾ ملاقات جي ڪاميابي لاءِ ٻئي ملڪ پرعزم آهن: آمريڪي پرڏيهي کاتو
واشنگٽن -13 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي تصديق ڪئي آهي، ته آمريڪا ۽ روس جي صدرن وچ ۾ 15 آگسٽ تي الاسڪا ۾ ٿيندڙ ملاقات جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٻئي ملڪ پرعزم آهن. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ملاقات جي تيارين تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي، ته ڳالهين کي ڪامياب بڻايو ويندو. روس جي پرڏيهي وزارت پڻ چيو آهي، ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ اميد آهي ته ڳالهيون ڪامياب ٿينديون. واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ئي اميد ظاهر ڪئي هئي ته هو 15 آگسٽ تي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان الاسڪا ۾ ملاقات ڪندو.












