وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان آذربائيجان جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي)قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف گذريل ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيتريون تجويزون پيش ڪيون جن ۾ ثقافتي مٽاسٽا ۾ واڌ، گڏيل موسيقي جي شهرت ۽ ورثي جي تحفظ جي رٿائن ۾ ڀائيواري شامل آهي. هن …

اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي)قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف گذريل ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيتريون تجويزون پيش ڪيون جن ۾ ثقافتي مٽاسٽا ۾ واڌ، گڏيل موسيقي جي شهرت ۽ ورثي جي تحفظ جي رٿائن ۾ ڀائيواري شامل آهي. هن 2024ع کان 2029ع جي ثقافتي مٽاسٽا وارن پروگرامن تي عملدرآمد جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو جن تي جولاءِ 2024ع ۾ آذربائيجان جي صدر جي پاڪستان جي سرڪاري دؤري دوران صحيحيون ٿيون هيون. سفير آذربائيجان ۾ 18 کان 28 سيپٽمبر تائين رٿيل عالمي ميوزڪ فيسٽيول جو به ذڪر ڪيو جيڪو آذربائيجان جي مشهور موسيقار ازير حاجي بيوف جي ياد ۾ هوندو. اهو فيسٽيول هييدر علييف فائونڊيشن ۽ آذربائيجان جي ثقافت واري وزارت جي سهڪار سان منعقد ٿيندو ۽ ان ۾ آمريڪا، ڪوريا، جرمني، سوئٽزرلينڊ، فرانس، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن جا فنڪار شرڪت ڪندا. سفير تجويز ڏني ته پاڪستان جي ريڊيو چينلز ان فيسٽيول دوران آذربائيجان جي موسيقي نشر ڪن ۽ ثقافتي مرڪزن ۾ ان حوالي سان خاص تقريبون منعقد ڪن جن جو مواد آذربائيجان فراهم ڪندو. هن آذربائيجان جي
ڪلچرل هيريٽيج اِن دي ورلڊ منصوبي ۾ پاڪستان جي سهڪار جي درخواست ڪئي جنهن جو مقصد آذربائيجان جي ثقافتي ورثي کي عالمي سطح تي هٿي وٺرائڻ ۽ ان جو تحفظ ڪرڻ آهي. ان منصوبي تحت سڄي دنيا جي ميوزيمز، لائبريرين، آرڪائيوز ۽ نجي مجموعن ۾ موجود آذربائيجان جي فنپارن، مجسمن، هٿ سان لکيل لکت ۽ نوادرات جي دستاويز بندي ۽ نمائش ڪئي ويندي. وفاقي وزير سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ناتا گڏيل اسلامي قدرن، هڪجهڙين روايتن ۽ عوامي رابطن تي ٻَڌل آهن. هن پنهنجي باڪو جي دؤري جو ذڪر ڪندي آذربائيجان جي مهمان نوازي ۽ ثقافتي دولت کي ساراهيو ۽ نئين ثقافتي رٿائن لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير پاڪستان جي فنڪارن کي سيپٽمبر جي فيسٽيول ۾ اُماڻڻ ۽ آذربائيجان جي ثقافتي جٿن کي پاڪستان ۾ پنهنجي فن، موسيقي ۽ ورثي جي نمائش لاءِ گهرائڻ جو اعلان ڪيو. هن اسلام آباد ۾ آذربائيجان جو ڪلچرل فيسٽيول منعقد ڪرڻ ۽ نمائشن ذريعي گڏيل ثقافت کي هٿي وٺرائڻ جي تجويز ڏني. سفير ان خواهش جو به اظهار ڪيو ته راويتي پاڪستاني ۽ آذربائيجان جي پوشاڪ شيرواني کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو وڃي. وفاقي وزير مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ٻُڌايو ته پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعظم خاص موقعي تي شيرواني پائين ٿا. سفير چيو ته شيرواني آذربائيجان جي علائقي ۾ به پسند ۽ پاتي وڃي ٿي. سيڪريٽري نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي ثقافتي مٽاسٽا ۾ واڌ سان پاڪستان جي دلچسپي جو ورجاءُ ڪندي تجويز ڏني ته ٻڌمت جا ماهر ڪاريگر آذربائيجان اُماڻيا ويندا ته جيئن اتي ثقافتي نمائش ۾ حصو وٺن. ٻنهي ڌُرين ثقافتي سهڪار وڌائڻ، ورثي ۽ ثقافت بابت موجوده معاهدن جي تجديد ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو.