خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سان پنڪ ربن پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي ملاقات

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سان پنڪ ربن پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) عمر آفتاب ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول چيو ته حڪومتي ادارن، طبي ماهرن، ميڊيا ۽ ڪميونٽيز کي گڏيل جدوجهد جي …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سان پنڪ ربن پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) عمر آفتاب ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول چيو ته حڪومتي ادارن، طبي ماهرن، ميڊيا ۽ ڪميونٽيز کي گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ هر 9 مان هڪ عورت ڇاتيءَ جي ڪينسر جي خطري ۾ ورتل آهي. هن چيو ته دير سان تشخيص هر سال هزارين عورتن جي حياتي کسي وٺي ٿي. خاتون اول چيو ته وقت سر تشخيص جي صورت ۾ شفايابي جي شرح 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته هر عروت کي وقت سر اسڪريننگ، صحيح تشخيص ۽ معياري علاج جي سهولت ملڻ گهرجي. خاتون اول چيو ته عورتن جي صحت کي قومي ترجيح بڻائڻ گهرجي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته ڳوٺاڻي علائقن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج ۽ تشخيص جون سهولتون وڌائڻ جي ضرورت آهي. خاتون اول چيو ته موبائيل ميموگرافي يونٽس ۽ ڪميونٽي آئوٽ ريچ پروگرام جي فروغ جي ضرورت آهي، ميڊيا، تعليمي شعبا ۽ مذهبي اڳواڻ ملڪ گير آگاهي مهم ۾ ڪردار ادا ڪن.