اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اقليتن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ صحت، تعليم ۽ دفاع سميت سمورن شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، دشمن ياد رکي پاڻي جو هڪ ڦڙو به پاڪستان کان کسي نٿو سگهي، جيڪڏهن هُن اها حرڪت ڪئي ته ٻيهر کيس اهو سبق سيکارينداسين جو هُو ڪنن کي هٿ هڻندو، پاڪستان کي هُو ڪڏهن …
دشمن ياد رکي پاڻي جو هڪ ڦڙو به پاڪستان کان کسي نٿو سگهي، جيڪڏهن هُن اها حرڪت ڪئي ته ٻيهر کيس سبق سيکارينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اقليتن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ صحت، تعليم ۽ دفاع سميت سمورن شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، دشمن ياد رکي پاڻي جو هڪ ڦڙو به پاڪستان کان کسي نٿو سگهي، جيڪڏهن هُن اها حرڪت ڪئي ته ٻيهر کيس اهو سبق سيکارينداسين جو هُو ڪنن کي هٿ هڻندو، پاڪستان کي هُو ڪڏهن به ڪو نقصان نٿو پهچائي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سمورن اقليتن کي گذريل ڏينهن ملهايل اقليتن جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي چاٻي قوم جي زندهه ستارن جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته 14 آگسٽ اچي رهيو آهي، پوري قوم کي آزادي جي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته ڪير اندازو ڪري سگهيو پئي ته 14 آگسٽ 1947ع تي هڪ نئون ملڪ دنيا جي نقشي تي ايندو، قائداعظم محمد علي جناح انهن ڪجهه ماڻهن مان آهي جن تاريخ جو رخ موڙي ڇڏيو، دنيا جو نقشو بدلائي ڇڏيو، هڪ نئين قوم هڪ نئون ملڪ تخليق ڪيو، حضرت قائداعظم کي الله تعاليٰ اها توفيق ڏني ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان وجود ۾ آيو، تحريڪ پاڪستان ۾ لکين مسلمانن حضرت قائداعظم جي عظيم ليڊرشپ ۾ حصو ورتو جنهن ۾ نوجوان، انجنيئرز، ڊاڪٽرز، عالم سڳورن سميت هر طبقو شامل هو، اسان جي اقليتي ڀائرن ۽ ڀينرن پڻ تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ انهن جو نه رڳو پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار آهي پر پاڪستان جي تعمير ۾ پڻ سندن نمايان ڪردار آهي. انهن تعليم، صحت ۽ پاڪستان جي دفاع سميت سمورن شعبن ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ نئون پاڪستان وجود ۾ اچي چڪو آهي، مئي ۾ پاڪ فضائيه 4 رافيل جهازن سميت ڀارت جا 6 جهاز ڪيرايا، ان چئن ڏينهن جي جنگ ۾ اسان جي بهادر جوانن انهن کي اهو سبق سيکاريو جيڪو انهن کي رهندي دنيا تائين ياد رهندو ۽ اهي اسان جي پاڪ فوج جا اهي سپوت ۽ جوان آهن جو جڏهن اهي جنگ جي ميدان ۾ نڪتا ته انهن جي مائرن انهن جي لاءِ دعا ڪئي ته پٽ وڃي پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪرڻو آهي، پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت ڪرڻي آهي ۽ جان ڏئي ڇڏجو گهر واپس ناهي اچڻو پر دشمن کي مات ڏيئي اچڻو آهي. هن چيو ته اڄ دشمن تي اهو واضح ڪري ڇڏيان ته جيڪڏهن تون اسان جو پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ٿو ڏين ته اها ڳالهه ذهن ۾ رکجان ته پاڻي جو هڪ ڦڙو به پاڪستان کان کسي نه ٿو سگهين، جيڪڏهن تو اها حرڪت ڪئي ته ٻيهر توکي اهو سبق سيکارينداسين جو تون ڪنن تي هٿ هڻندين، پاڪستان جو تون ڪجهه به نه ٿو بگاڙي سگهين. هن چيو ته هاڻي هن پاڪستان کي نوجوانن کي تعمير ڪرڻو آهي، ليپ ٽاپ فار آل اسڪيم تحت بنا وياج جي قسطن تي ليپ ٽاپ فراهم ڪيا ويندا. اسلام آباد، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ باصلاحيت نوجوانن جي تعليمي قابليت جي بنياد تي ورهايا ويندا، پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ اهي ليپ ٽاپ رڳو ميرٽ جي بنياد تي ورهايا ويندا، ڪا ان ۾ سفارش نه هوندي، اها ئي پاليسي منهنجي پنجاب ۾ هئي ۽ اها ئي پاليسي اڄ هتي آهي ۽ انشاءَ الله اها ئي پاليسي پاڪستان کي عظيم بڻائيندي، محنت سان انشاءَالله پاڪستان عظيم بڻجندو. شهباز شريف چيو ته ڀارت اسان کان پنجوڻ تي وڏو ملڪ آهي، ان کي پنهنجي عسڪري قوت تي ناز هو، اهو سڄو ناز، ان جو غرور 10 مئي تي غرق ٿي ويو هو. هن چيو ته نوجوانن کي محنت ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪري پاڪستان کي عظيم بڻائڻو آهي.











