اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان دهشتگردي جي خاتمي بابت آمريڪي وقتي ڪوآرڊينيٽر گريگوري ڊي لو جرفو ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي پاڪستان – آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي واري مڪالمي دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه بابت بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان دهشتگردي جي خاتمي بابت آمريڪي وقتي ڪوآرڊينيٽر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان دهشتگردي جي خاتمي بابت آمريڪي وقتي ڪوآرڊينيٽر گريگوري ڊي لو جرفو ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي پاڪستان – آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي واري مڪالمي دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه بابت بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پائيدار ۽ منظم ٻطرفي رابطن کي جاري رکن جي حوصلا افزائي ڪئي جيڪي خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي لاءِ اهميت رکن ٿا.











