اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته باجوڙ ۾ ڪو نئون آپريشن ناهي ٿي رهيو، خارجين ۽ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي صوبائي حڪومت ۽ مقامي اڳواڻن جي صلاح مشوري سان ڪارروائي ٿي رهي آهي. اطلاعن جي بنياد تي سڄي ملڪ ۾ روزانو 190 کان وڌيڪ ڪارروايون ٿي رهيون آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ وزيراعظم جي قبائلي معاملن بابت خاص مددگار …
باجوڙ ۾ ڪو نئون آپريشن نه ٿي رهيو آهي: گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته باجوڙ ۾ ڪو نئون آپريشن ناهي ٿي رهيو، خارجين ۽ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي صوبائي حڪومت ۽ مقامي اڳواڻن جي صلاح مشوري سان ڪارروائي ٿي رهي آهي. اطلاعن جي بنياد تي سڄي ملڪ ۾ روزانو 190 کان وڌيڪ ڪارروايون ٿي رهيون آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ وزيراعظم جي قبائلي معاملن بابت خاص مددگار مبارڪ زيب اعتراض واري نُڪتي تي چيو ته مان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهيان ڇاڪاڻ ته منهنجو سڳو ڀاءُ ريحان زيب دهشتگرديءَ جو نشانو بڻيو، آپريشن ۽ بدامني جو سڀ کان وڌيڪ عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو، ان مسئلي جو حل آپريشن ناهي. مملڪتي وزير چيو ته باجوڙ جي معاملي تي سينيٽ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، اتي ڪو نئون آپريشن نه پيو ڪيو وڃي، اتي قومي ايڪشن پلان تحت صوبائي حڪومت ۽ مقامي اڳواڻن جي صلاح مشوري ڪارروايون ٿي رهيون آهن. هن ٻُڌايو ته باجوڙ ۾ افغان ۽ خوارجين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي صوبائي حڪومت ۽ علائقائي ماڻهن جي مشوري سان ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.











