پاڪستاني نوجوانن ملڪ توڙي دنيا ۾ راندين، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرايون آهن: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) سيينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته نوجوان قوم جو روشن مستقبل آهن، پاڪستاني نوجوانن ملڪي توڙي عالمي سطح تي راندين، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرايون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام سڄي دنيا خاص ڪري پاڪستاني نوجوانن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي آباديءَ …

اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) سيينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته نوجوان قوم جو روشن مستقبل آهن، پاڪستاني نوجوانن ملڪي توڙي عالمي سطح تي راندين، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرايون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام سڄي دنيا خاص ڪري پاڪستاني نوجوانن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي آباديءَ جو تقريبن 60 سيڪڙو نوجوانن تي مشتمل آهي، جيڪا ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقت ۽ ترقيءَ جي ضمانت آهي، تعليم، جديد سائنسي علم ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي نوجوانن ملڪي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو قائداعظم محمدعلي جناح ۽ علامه محمد اقبال جي ويزن کي پنهنجو رهنما بنائيندي وطن جي خدمت کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنائين. هن چيو ته نوجوانن کي بااختيار بنائڻ، کين برابريءَ وارا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ مسئلن جي حل ۾ شريڪ ڪرڻ اسان جي قومي ذميداري اهي، نوجوانن جي تخليقي صلاحيتون ۽ توانائيون پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن.