اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ ۽ متاثر عوام کي وقت سر رليف فراهم ڪرڻ پاڪستان حڪومت ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايتن تي سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. هن چيو ته نيشنل ڊزاسٽر مئينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سمورن صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز …
قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ ۽ متاثر عوام کي وقت سر رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن: طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ ۽ متاثر عوام کي وقت سر رليف فراهم ڪرڻ پاڪستان حڪومت ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايتن تي سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. هن چيو ته نيشنل ڊزاسٽر مئينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سمورن صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سان ويجهن رابطن ۾ آهي ۽ آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مڪمل سهڪار ۽ مدد فراهم ڪري رهي آهي. قومي اسيمبليءَ جي ميمبر فتح الله خان طرفان ڊيرا اسماعيل خان جي ٻوڏ متاثر آبادين لاءِ رليف ۽ بحاليءَ لاءِ وزيراعظم طرفان 46 ملين رپيا رکڻ بابت اعتراض واري نُڪتي جي جواب ڏيندي وفاقي وزير ٻُڌايو ته وقت سر ڊيٽا شيئرنگ ۽ اڳواٽ منصوبا بنديءَ سبب هن ڀيري ٻوڏ دوران ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ نقصان تمام گهٽ پهتو آهي. اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ اثرائتو رابطا ڪاري سان امدادي ڪاررواين کي تيز ۽ مؤثر بڻايو ويو آهي، جڏهن ته خاص طور تي ڪي پي ڪي حڪومت سان مسلسل ڪوآرڊينيشن جاري آهي ته جيئن متاثر علائقن ۾ وقت سر قدم کڻي سگهجن. ان فنڊز جو مقصد فوري رليف جي فراهمي، متاثر ڪٽنبن جي بحالي ۽ بنيادي ڍانچي جي مرمت آهي، حڪومت جي پاليسي آهي ته ڪنهن به آفت کانپوءِ امدادي ڪاررواين ۾ دير نه ٿئي ۽ هر ممڪن امداد سڌيءَ ريت متاثرن تائين پهچائي وڃي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هڪ قدرتي آفتن سبب متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي ۽ موجوده حڪومت ان حقيقت کي نظر ۾ رکندي آفتن کان اڳ تياري، وقت سر ردِعمل ۽ بعد ۾ بحاليءَ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان حڪومت مستقبل ۾ به عوام جي جان ۽ مال جي تحَ ط۽ رليف لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.











