اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ريلوي ريڪوڊڪ جي حوالي سان اهم فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي. لاهور ۽ ڪراچيءَ سميت 4 ريلوي اسٽيشنن جي اپ گريڊيشن ڪرڻ وڃي رهي آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته لاهور ريلوي اسٽيشن کانپوءِ سيپٽمبر ۾ ڪراچي ريلوي اسٽيشن، 30 سيپٽمبر تي حيدرآباد ريلوي اسٽيشن، …
پاڪستان ريلوي ريڪوڊڪ جي حوالي سان اهم فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي: محمد حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ريلوي ريڪوڊڪ جي حوالي سان اهم فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي. لاهور ۽ ڪراچيءَ سميت 4 ريلوي اسٽيشنن جي اپ گريڊيشن ڪرڻ وڃي رهي آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته لاهور ريلوي اسٽيشن کانپوءِ سيپٽمبر ۾ ڪراچي ريلوي اسٽيشن، 30 سيپٽمبر تي حيدرآباد ريلوي اسٽيشن، ان کانپوءِ دادو ۽ روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جي شروعات ڪئي ويندي، انهن چئن اسٽيشنن جي اپ گريڊيشن تي 30 ڪروڙ رپين جي لاڳت ايندي. هن ٻُڌايو ته ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن سان گڏوگڏ پاڪستان ريلويز ٽرين سروس کي به بهتر بڻائي رهي آهي. شاليمار ايڪسپريس، هزاره ايڪسپريس ۽ قراقرم ايڪسپريس جي سروس کي بهتر بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته حيدرآباد سيڪشن ۽ پنڊي کان لاهور ٽريڪ کي به مرحليوار ٺيڪ ڪيو ويندو. هن چيو ته ريڪوڊڪ جي حوالي سان پاڪستان ريلوي هڪ اهم فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي.











