اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي حق جي ويڙهه تي پڻ شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، سڄي دنيا پاڪستان جي ان ويڙهه جي حق جو اعتراف ڪري رهي آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان جي هٿياربند فوج جنهن پيشيوراڻي انداز سان ڀارت …
آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي حق جي ويڙهه تي پڻ شڪر ادا ڪرڻ گهرجي: خواجه آصف

مزید خبریں
اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي حق جي ويڙهه تي پڻ شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، سڄي دنيا پاڪستان جي ان ويڙهه جي حق جو اعتراف ڪري رهي آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان جي هٿياربند فوج جنهن پيشيوراڻي انداز سان ڀارت کي شڪست ڏني ان جو اعتراف سڄي دنيا ڪري رهي آهي. هن چيو ته حق جي ويڙهه جي فتح، يومِ آزادي، وطن عزيز ۽ ان جي مٽريءَ جو هر وقت شڪر ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي رحمتون ڪري ٿو پر ان زمين تي حاصل ٿيل ڪاميابين تي پڻ شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.











