پاڪستان لاءِ آمريڪي ٽيرف ۾ گهٽتائي روانگي واپار ڪندڙن لاءِ اهم موقعو آهي: ڄام ڪمال

اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان جا روانگي واپار ڪندڙ آمريڪي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي ۾ برتري حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آهن، حڪومت طرفان گڏيل ٽيرف جو 29 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 19 سيڪڙو ڪرڻ لاءِ ڪاميابيءَ سان ڳالهيون ڪيون ويون جيڪي خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن. جاري پريس رليز موجب اهڙو اظهار هن يو ايس ريپروڪل ٽيرف تي …

اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان جا روانگي واپار ڪندڙ آمريڪي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي ۾ برتري حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آهن، حڪومت طرفان گڏيل ٽيرف جو 29 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 19 سيڪڙو ڪرڻ لاءِ ڪاميابيءَ سان ڳالهيون ڪيون ويون جيڪي خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن. جاري پريس رليز موجب اهڙو اظهار هن يو ايس ريپروڪل ٽيرف تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جو مددگار هارون اختر خان، واپار بابت وزيرعظم جو خاص صلاحڪار رانا احسان افضل، سيڪريٽري واپار جواد پال، واپار ڊويزن ۽ صنعت ۽ پيداوار ڊويزن جي سينيئر آفيسرن ۽ 30 کان وڌيڪ مشهور روانگي واپار ڪندڙن ۽ ايس ايم ايز سميت مختلف شعبن سالٽائل، ايپس، ٽيڪسٽائل، اسپورٽس سميت ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي ٽيرف ۾ گهٽتائيءَ ذريعي فراهم ڪيل موقعن تي روانگي واپار ڪندڙن لاءِ ضروري آهي ته ان موقعي مان فائدو کڻن ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جو رستو طئي ڪيو وڃي. هن ناڻي واري وزير ۽ واپار واري سيڪريٽري جي ڪوششن سان گڏوگڏ ان سنگ ميل کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۾ نجي شعبي جي حمايت کي ساراهيو. هارون اختر خان چيو ته علائقائي فائدي کي اجاگر ڪرڻ ۽ حڪومت موجوده حالتن مان پيدا ٿيندڙ ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ صنعت کي وڌ کان وڌ سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. صنعت سان واڳيل نمائندن واپاري سفارتڪاري ۾ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي سازگار واپاري ماحول ۽ پاليسي سپورٽ تي زور ڀريو جنهن جو مقصد مينيوفيڪچرنگ جي لاڳت کي بهتر بڻائڻ ۽ مستقبل جي ڪاروباري موقعن کي عامل جامو پهرائڻ لاءِ اِن پٽ تائين پهچ حاصل ڪرڻ آهي. واپار واري وزير چيو ته بهتر تعاون ۽ فيصلائتن قدمن ذريعي پاڪستان جي روانگي واپار ڪندڙ صنعتون نمايان ترقي حاصل ڪري سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته روانگي واپار ڪندڙن طرفان سموريون سفارشون وزيراعظم کي غور لاءِ پيش ڪيون وينديون.