مدني مسجد ۽ مدرسي جي منتقلي معززن جي صلاح مشوري ۽ نگراني ۾ ٿي، کين 4 ڪروڙ جي لاڳت سان جديد عمارت تعمير ڪري ڏني وئي: گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير

اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته مدني مسجد ۽ مدرسي جي منتقلي معززن جي صلاح مشوري ۽ نگراني ۾ ٿي، کين 4 ڪروڙ جي لاڳت سان جديد عمارت تعمير ڪري ڏني وئي، جنهن جي هن وقت ماليت 15 ڪروڙ رپين تائين آهي، جمعيت علماءِ اسلام ان سلسلي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جيڪو تعريف لائق آهي، 50 کان وڌيڪ مسجدن …

اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته مدني مسجد ۽ مدرسي جي منتقلي معززن جي صلاح مشوري ۽ نگراني ۾ ٿي، کين 4 ڪروڙ جي لاڳت سان جديد عمارت تعمير ڪري ڏني وئي، جنهن جي هن وقت ماليت 15 ڪروڙ رپين تائين آهي، جمعيت علماءِ اسلام ان سلسلي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جيڪو تعريف لائق آهي، 50 کان وڌيڪ مسجدن خلاف آپريشن جون ڳالهيون صحيح ناهن. قومي اسيمبليءَ ۾ جي يو آءِ جي سينيئر ميمبر عبدالغفور حيدري اعتراض واري نُڪتي تي مدني مسجد کي شهيد ڪرڻ وارو معاملو اُٿاريندي چيو ته مملڪتي وزير جو ٿورائتو آهيان ته هن ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٻه ڀيرا اسان سان ملاقات ڪئي. لاڳاپيل وزير کي اسلام آباد انتظاميه طرفان غلط بريف ڪيو ويو. مدرسي کي منتقل ڪيو ويو پر لاڳاپيل مولوي ان تي راضي نه هو ته مسجد کي شهيد ڪيو وڃي. مسجد هڪ ڀيرو تعمير ٿي وڃي ته قيامت تائين ان کي شهيد نٿو ڪري سگهجي. اسلامي رياست ۾ ائين نه ٿيڻ گهرجي. لاڳاپيل وزير گڏيل افهام ۽ تفهيم سان ان حل لاءِ 48 ڪلاڪن جو وقت گُهريو. هن وقت اهو مسئلو اسان حل ڪري سگهون ٿا ان ۾ لال مسجد جهڙو معاملو ٿي سگهي ٿو. مملڪتي وزير سندس جواب ۾ چيو ته مولانا جا ٿورائتا آهيون هن ان معاملي ۾ وڏي عالم جو ڪردار ادا ڪيو. مري روڊ تي مدرسي ۽ مسجد تعمير ڪرائي وئي هئي، اها ڳالهه حقيقتن جي ابتڙ آهي ته راتون رات اهو آپريشن ڪيو ويو. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سال جنوري کان مدرسي جي اڳواڻن سان رابطا ڪري سندن مرضيءَ جي جڳهه تي 4 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان جديد اسڪولز جي طرز تي مدرسي جي عمارت بڻائي وئي جيڪا جولاءِ ۾ مڪمل ٿي ۽ هو پنهنجي ضرورت جون سموريون شيون ساڻ کڻي ويا. سندن نگرانيءَ ۾ مدرسي ۽ مسجد کي شهيد ڪيو ويو. اسان لاءِ ٻئي احترام جوڳا آهن. ان کان پوءِ اهو چيو ويو ته 50 جي ويجهو مسجدن خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اهڙو ڪو آپريشن غور هيٺ ناهي. جيڪڏهن ڪٿي گرين بيلٽ يا رستي ۾ ڪا تعمير آهي ته صلاح مشوري سان فيصلو ٿيندو. هن چيو ته جي يو آءِ ان مسئلي تي هاڪاري ڪردار ادا ڪيو. آئينده به ان رويي جي اميد آهي. هن چيو ته نئون تعمير ٿيل مدرسو 15 ڪروڙ رپين جي ماليت جو آهي.