اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، بلوچستان جي ضلعي زوب جي علائقي سمبازه ۾ فتنه الهندوستان جي وڌيڪ 3 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير گذريل ڪجهه ڏينهن مجموعي طور تي 50 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشواراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. گهرو معاملن …
وفاقي وزير محسن نقوي پاران زوب جي علائقي سمبازه ۾ فتنه الهندوستان جي وڌيڪ 3 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، بلوچستان جي ضلعي زوب جي علائقي سمبازه ۾ فتنه الهندوستان جي وڌيڪ 3 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير گذريل ڪجهه ڏينهن مجموعي طور تي 50 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشواراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابين کي قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، سيڪيورٽي فورسز، بلوچستان ۾ فتنو پکيڙڻ ۾ ملوث ڀارتي اسپانسرڊ ڊهشتگردن کي جهنم حوالي ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز، بلوچستان ۾ امن کي تباه ڪرڻ جي سازش کي ناڪام بڻايو، فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي ناپاڪ عزم کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريون ٿا، ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.











