اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، ڪالعدم بي ايل اي ۽ ڪالعدم مجيد بريگيڊ کي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ جي آمريڪي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي انتظاميه جو دل سان شڪريو ادا ڪريون ٿا. گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اها پاڪستان جي سفارتي محاذ تي اهم ڪاميابي آهي …
وفاقي وزير محسن نقوي پاران ڪالعدم بي ايل اي ۽ ڪالعدم مجيد بريگيڊ کي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ جي آمريڪي فيصلي جي آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، ڪالعدم بي ايل اي ۽ ڪالعدم مجيد بريگيڊ کي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ جي آمريڪي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي انتظاميه جو دل سان شڪريو ادا ڪريون ٿا. گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اها پاڪستان جي سفارتي محاذ تي اهم ڪاميابي آهي ۽ اسان جي ازلي دشمن لاءِ هڪ ٻئي شڪست آهي، آمريڪي قدم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي لازوال قربانين جو اعتراف آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪ – آمريڪا سهڪار سٺو سئنوڻ آهي، ڪالعدم بي ايل اي ۽ ڪالعدم مجيد بريگيڊ خلاف عالمي سطح تي ڪارروائي جي راهه هموار ٿي آهي. هن چيو ته دهشتگردن خلاف گڏيل موقف وقت جي ضرورت آهي، آمريڪي قدمن سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ملندي.











