ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات

اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي جاري سڌارن وارين ڪوششن تي روشني وڌي جنهن جو مقصد عوام کي وقت سر انصاف جي فراهمي، عدالتي نظام کي جديد رُخن تي آڻڻ، ٽيڪس بابت ڪيسن جي درجابندي ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد …

اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي جاري سڌارن وارين ڪوششن تي روشني وڌي جنهن جو مقصد عوام کي وقت سر انصاف جي فراهمي، عدالتي نظام کي جديد رُخن تي آڻڻ، ٽيڪس بابت ڪيسن جي درجابندي ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي سروس ڊليوري کي بهتر بڻائڻ آهي. چيف جسٽس ان ڳالهه تي زور ڀريو ته متبادل تڪرارن جي حل (اي ڊي آر) جي نظام جي ڪاميابيءَ کي يقيني بڻائڻ نهايت اهم آهي جيڪو ٽيڪس بابت تڪرارن جي وقت سر حل لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي. هن ان نظام جي حقيقي ڪاميابيءَ لاءِ حڪومت جي مسلسل معاونت جي ضرورت تي زور ڀريو. چيف جسٽس ان موقعي تي ناڻي واري وزير کي آگاهه ڪيو ته هن وقت جوڊيشل اڪيڊمي ۾ جوڊيشل آفيسرن ۽ ايس اي سي پي جي ميمبرن لاءِ تربيتي سيشنز جاري آهن ۽ جلد ئي ان ئي نوعيت جي تربيت چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان جي آفيسرن کي به فراهم ڪئي ويندي. وفاقي وزير عدليه جي سڌارن واري ايجندا کي ساراهيو ۽ عدالتي ترقياتي منصوبن لاءِ گهربل وسيلن جي وقت سر فراهميءَ ۾ حڪومت جي سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڌُرين قانون جي بالادستي ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ عدليه ۽ انتظاميه وچ ۾ مربوط ڪوششن جي اهميت تي اتفاق ڪيو.