اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق مخالف ڌُر کي حڪومت سان ڳالهين جي باضابطه طور تي دعوت ڏيندي چيو آهي ته بحيثيت ڪسٽوڊين آف دي هائوس هو هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سياسي اختلافن جو واحد حل ڳالهيون آهن ۽ ان مقصد لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪنداسين. اسپيڪر …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران مخالف ڌر کي حڪومت سان ڳالهين جي دعوت

مزید خبریں
اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق مخالف ڌُر کي حڪومت سان ڳالهين جي باضابطه طور تي دعوت ڏيندي چيو آهي ته بحيثيت ڪسٽوڊين آف دي هائوس هو هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سياسي اختلافن جو واحد حل ڳالهيون آهن ۽ ان مقصد لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪنداسين. اسپيڪر جي آڇ باوجود مخالف ڌر واڪ آئوٽ ڪري ايوان مان هلي وئي. ڪالهه ٿيل قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اسپيڪر اها آڇ ان وقت ڪئي جڏهن مخالف ڌر جي ميمبر اسد قيصر سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي استحقاق جو معاملو اُٿاريو. اسپيڪر چيو ته آئين، قانون، پارلياماني روايتون ۽ قاعدا سڀني لاءِ هڪجهڙا آهن ۽ انهن جي پاسداري جمهوريت جي استحڪام جي ضمانت آهي. ڀارتي مخالف ڌر جي اڳواڻ راهول گانڌي جي گرفتاريءَ جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اتي گرفتاريءَ کان پوءِ به پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيا. سندس چوڻ هو ته گرينڊ جرڳو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کان مٿانهون ناهي، ان لاءِ سمورين سياسي قوتن کي پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي پر ان کي تعميري ڳالهين ۾ بدلائڻ ئي قومي مفاد ۾ آهي.











