انڊونيشيا ۾ 6.4 جي شدت جو زلزلو

جڪارتا-12 آگسٽ (اي پي پي) انڊونيشيا جي صوبي پاپوا جي سرمي ريجنسي جي ڏکڻ اوڀر ۾ 27 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي 6.4 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. پرڏيهي ايجنسي موجب انڊونيشيا جي موسميات، آبهوا ۽ زميني کاتي موجب انڊونيشيا جي صوبي پاپوا جي سرمي ريجنسي جي ڏکڻ اوڀر ۾ ڪالهه ٻنپهرن جو 3:24 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.4 …

جڪارتا-12 آگسٽ (اي پي پي) انڊونيشيا جي صوبي پاپوا جي سرمي ريجنسي جي ڏکڻ اوڀر ۾ 27 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي 6.4 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. پرڏيهي ايجنسي موجب انڊونيشيا جي موسميات، آبهوا ۽ زميني کاتي موجب انڊونيشيا جي صوبي پاپوا جي سرمي ريجنسي جي ڏکڻ اوڀر ۾ ڪالهه ٻنپهرن جو 3:24 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.4 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کان 13 ڪلوميٽر گهرائي ۾ هو. زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا ۽ نه ئي سونامي جو ڪو خطرو آهي.