اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ 13 آگسٽ تي مقامي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ 13 آگسٽ تي مقامي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب 13 آگسٽ تي مقامي موڪل جو نوٽيفڪيشن ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسلام آباد جاري ڪيو جنهن موجب اسلام آباد جي حدن ۾ سمورا نجي ادارا، اسڪول، ڪاليجز، يونيورسٽيون ۽ نجي ڪاروباري ادارا ۽ آفيسون بند رهنديون جڏهن ته اسلام آباد جي …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ 13 آگسٽ تي مقامي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب 13 آگسٽ تي مقامي موڪل جو نوٽيفڪيشن ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسلام آباد جاري ڪيو جنهن موجب اسلام آباد جي حدن ۾ سمورا نجي ادارا، اسڪول، ڪاليجز، يونيورسٽيون ۽ نجي ڪاروباري ادارا ۽ آفيسون بند رهنديون جڏهن ته اسلام آباد جي حدن ۾ اسلام آباد انتظاميا تحت ضروري خدمتن جون سموريون آفيسون کليل رهنديون. سموريون وفاقي وزارتون، ڊويزن ۽ سمورا وفاقي ذيلي ادارا ۽ آفيسون پڻ کليل رهنديون.