اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي، ته پاڪستان ريلوي ملڪ جو واحد ادارو آهي جيڪو پنهنجي آمدني مان پينشن ۽ ملازمن کي پگهارن ۾ اضافو ڏئي ٿو.منافعي جي مد ۾ ساڍا 12 ارب روپين جو شارٽ فال آهي جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. قومي اسيمبلي ۾ آغا رفيع الله ۽ ٻين پاڪستان ريلويز جي ملازمن ۽ انهن جي …
پاڪستان ريلوي واحد ادارو آهي، جيڪو پنهنجي آمدني مان پينشن ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڏئي ٿو: ريلوي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي، ته پاڪستان ريلوي ملڪ جو واحد ادارو آهي جيڪو پنهنجي آمدني مان پينشن ۽ ملازمن کي پگهارن ۾ اضافو ڏئي ٿو.منافعي جي مد ۾ ساڍا 12 ارب روپين جو شارٽ فال آهي جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. قومي اسيمبلي ۾ آغا رفيع الله ۽ ٻين پاڪستان ريلويز جي ملازمن ۽ انهن جي خاندانن کي گريجويٽي، بينوولينٽ فنڊ، شادي گرانٽس، روڪ رقم، وقت سر رخصتي، الوداعي گرانٽ جي ادائگين ۾ دير سان لاڳاپيل ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ حنيف عباسي چيو ته پاڪستان ريلويز ۾ پگهارن جو مسئلو حل ڪري رهيا آهيون، معمول تحت پينشن ملي رهي آهي، منافعي جي ادائگي جو اشو آهي، ان کي به حل ڪنداسين. هن چيو ته مزدورن جي ڪري ئي پاڪستان ريلوي هلي رهي آهي، سندن پگهارن ۽ اوورٽائيم جو مسئلو حل ڪيو آهي. ساڍا 12 ارب روپين جو شارٽ فال آهي ان کي جلد ناڻي وزارت سان ملي حل ڪنداسين. هن ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي پوري پاڪستان جو واحد ادارو آهي جنهن جي ملازمن کي پينشن ريلوي طرفان آهي، فلاحي ۽ ميرج فنڊ لاءِ 15 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن، آمدني ۾ اضافي کان پوءِ ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين، حڪومت طرفان پگهارن ۾ اضافو به اسان پاڻ پنهنجن وسيلن مان ڏيندا آهيون. شازيه مري جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته 68 ارب روپيا معمول تحت پينشن جي مد ۾ ڏنا پيا وڃن. منافعي جو معاملوآهي، ريلوي کي منافعو ٿيو آهي روزانو جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي، موقعو ملندي ئي پنهنجي وسيلن سان مسئلا حل ڪنداسين.











