اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي تيزاب ۽ باهه سان ساڙڻ جي ڏوهه جي بل 2025ع سميت زڪوات ۽ عشر ترميمي بل 2025ع منظور ڪري ورتا آهن. قومي اسيمبلي ۾ ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو تيزاب ۽ باهه سان ساڙڻ سان لاڳاپيل تشدد جهڙن خراب ڏوهن جي شفاف ۽ فوري ٻڌڻي ذريعي ان کي خاص طور تي ڏوهه قرار ڏيڻ ۽ ان سان لاڳاپيل ۽ ان جي ضمني …
قومي اسيمبلي پاران تيزاب ۽ باهه سان ساڙڻ جي ڏوهه واري بل سميت زڪوات ۽ عشر ترميمي بل 2025ع منظور

مزید خبریں
اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي تيزاب ۽ باهه سان ساڙڻ جي ڏوهه جي بل 2025ع سميت زڪوات ۽ عشر ترميمي بل 2025ع منظور ڪري ورتا آهن. قومي اسيمبلي ۾ ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو تيزاب ۽ باهه سان ساڙڻ سان لاڳاپيل تشدد جهڙن خراب ڏوهن جي شفاف ۽ فوري ٻڌڻي ذريعي ان کي خاص طور تي ڏوهه قرار ڏيڻ ۽ ان سان لاڳاپيل ۽ ان جي ضمني معاملن بابت حڪم واضح ڪرڻ جو بل سينيٽ جي منظور ڪرڻ جي صورت ۾ غور هيٺ آڻڻ لاءِ اجازت گهري جنهن جي اجازت ملڻ تي ڊپٽي اسپيڪر شق وار منطوري ورتي بعد ۾ مهرين رزاق ڀٽو بل منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته شازيه مري اسلام آباد جي حد تائين ان کي لاڳو ڪرڻ ۾ زڪوات ۽ عشر آرڊيننس 1980ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري. وفاقي وزير ان جي مخالفت نه ڪئي جنهن جي اجازت ملڻ تي ڊپٽي اسپيڪر شق وار منظوري ورتي ۽ بعد ۾ شازيه مري بل منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.











