وزيراعظم پاران گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ جو سولر پاور منصوبو هڪ سال ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ جي سولر پاور منصوبي کي هڪ سال ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منصوبي جي پاڻ نگراني ڪندس، ملڪ کي موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن کان بچائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ قابل تجديد ذريعن کي انرجي مڪس ۾ شامل ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ جي سولر پاور منصوبي کي هڪ سال ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منصوبي جي پاڻ نگراني ڪندس، ملڪ کي موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن کان بچائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ قابل تجديد ذريعن کي انرجي مڪس ۾ شامل ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ سولر منصوبن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، سردار اويس خان لغاري، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي، قابل تجديد توانائي شعبي جي ماهر ڊاڪٽر جروين ڊريسمن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ سولر منصوبي تي اڳڀرائي ۽ حڪمت عملي بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم منصوبي جي تعمير جي لاءِ قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي جي سربراهي بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري کي ڏئي ڇڏي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تحت گلگت ۾ 6، اسڪردو ۾ 8 ۽ ديامر ۾ 6 سولر پارڪس ٺاهيا ويندا. اهڙي طرح گلگت بلتستان ۾ 234، اسڪردو ۾ 179 ۽ ديامر ۾ 68 عمارتن تي سولر سسٽم هڻڻ کي يقيني بڻايو ويندو. منصوبي ۾ بيٽريون هڻڻ سان بيڪ اپ کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ان جي ريئل ٽائين مانيٽرنگ جو پڻ نظام ٺاهيو پيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي ۾ عالمي معيار کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس کي منصوبي جي تعميري لاڳت ۽ مقرر مدي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم منصوبي کي هڪ سال ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان ۾ گهٽ لاڳت ماحول دوست بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي جو سڄو انفراسٽرڪچر ڪلائميٽ ريزيليئنٽ بڻايو وڃي. وزيراعظم پنهنجي گلگت جي تازي دوري دوران اهو اعلان ڪيو هو ته گلگت بلتستان جي لاءِ 100 ميگاواٽ جي پاور پلانٽس جي ايڪنڪ جلد منظوري ڏيندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ايڪنڪ پاران تازو ئي منظوري کانپوءِ منصوبي جي تعمير تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته منصوبي تي خرچ ٿيندڙ سموري لاڳت وفاقي حڪومت ڏيندي، گلگت مان اونداهيون ختم ڪرڻ جي لاءِ اهو منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي ماڻهن کي 18 کان 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ۽ ڏورانهن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي جي لاءِ سولرائيزيشن سڀ کان موزون حل آهي، منصوبو گلگت بلتستان جي ماڻهن کي گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن کان بچائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ قابل تجديد ذريعن کي انرجي مڪس ۾ شامل ڪرڻو پوندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ هائيڊل ۽ سولر ذريعن سان بجلي جي فراهمي کي اهڙي طرح يقيني بڻايو وڃي جنهن سان ماڻهن کي شديد موسم ۾ بجلي جي رڪاوٽ کان ڇوٽڪارو ملي. وزيراعظم چيو ته منصوبي جي تعمير ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.