پاڪستان پاران آمريڪا جي بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ مجيد برگيڊ کي غيرملڪي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ جي فيصلي جي آجيان

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان آمريڪا پاران بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ مجيد برگيڊ کي بطور غيرملڪي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته مجيد برگيڊ کي بي ايل اي جو اتحادي قرار ڏيڻ جو فيصلو خوش آئنده آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان 18 جولاءِ 2024ع کان مجيد برگيڊ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان آمريڪا پاران بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ مجيد برگيڊ کي بطور غيرملڪي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته مجيد برگيڊ کي بي ايل اي جو اتحادي قرار ڏيڻ جو فيصلو خوش آئنده آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان 18 جولاءِ 2024ع کان مجيد برگيڊ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو هو. بي ايل اي/ مجيد برگيڊ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد حملن ۾ ملوث آهن جن ۾ جعفر ايڪسپريس تي ڪڌو دهشتگرداڻو حملو ۽ خضدار حملو پڻ شامل آهن جن جي نتيجي ۾ ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ثابت قدم آهي، اسان جي قربانين نه رڳو ملڪ پر علائقائي استحڪام ۽ عالمي سلامتي جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پرڏيهي آفيس چيو ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ ۽ هر قسم جي دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان ان گڏيل چئلينج تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پڻ پرعزم آهيون.