نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان  جي ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (آءِ سي اي پي) جي 400هين ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي آءِ سي اي پي ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت تي آءِ سي اي پي جي صدر سيف الله ۽ ڪائونسل جي ٻين ميمبرن سندس استقبال …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (آءِ سي اي پي) جي 400هين ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي آءِ سي اي پي ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت تي آءِ سي اي پي جي صدر سيف الله ۽ ڪائونسل جي ٻين ميمبرن سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي مالياتي ۽ ڪارپوريٽ شعبن ۾ پيشيواراڻي مهارت، مالياتي شفافيت ۽ اخلاقي معيارن جي فروغ جي اڻٿڪ خدمتن تي آءِ سي اي پي جي ڪوششن کي ساراهيو.