نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ دوست ملڪن سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تجويزن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ جائزه اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اجلاس دوران دوست ملڪن سان گڏيل رابطن کي سگهه ڏيڻ جي قدمن جي نشاندهي تي ڌيان ڏيندي واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، صحت، رابطن، ثقافت …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ دوست ملڪن سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تجويزن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ جائزه اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اجلاس دوران دوست ملڪن سان گڏيل رابطن کي سگهه ڏيڻ جي قدمن جي نشاندهي تي ڌيان ڏيندي واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، صحت، رابطن، ثقافت ۽ زراعت سميت وسيع شعبن جو احاطو ڪندڙ ڪيترين ئي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خصوصي معاونين طارق فاطمي، طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري، ثقافت ۽ خوراڪ واري سيڪريٽري، گهرو معاملن واري اسپيشل سيڪريٽري کانسواءِ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي سينيئر عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.