هنرمند نوجوان معاشي سرگرمين ۾ پنهنجي ذهانت ۽ توانائين کي استعمال ۾ آڻيندي ترقي جا ثمر عوام تائين پهچائڻ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هنرمند نوجوان معاشي سرگرمين ۾ پنهنجي ذهانت ۽ توانائين کي استعمال ۾ آڻيندي ترقي جا ثمر عوام تائين پهچائڻ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت کان مڪمل آگاهي ڏيڻ وفاقي حڪومت جي ترجيح آهي ته جيئن نوجوان نسل عالمي سطح تي ٻين ملڪن جي نوجوانن جي برابر ٿي سگهن. …

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هنرمند نوجوان معاشي سرگرمين ۾ پنهنجي ذهانت ۽ توانائين کي استعمال ۾ آڻيندي ترقي جا ثمر عوام تائين پهچائڻ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت کان مڪمل آگاهي ڏيڻ وفاقي حڪومت جي ترجيح آهي ته جيئن نوجوان نسل عالمي سطح تي ٻين ملڪن جي نوجوانن جي برابر ٿي سگهن. نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي سڄي دنيا ۽ خاص طور تي پاڪستان جي نوجوان آبادي کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، 2025ع جو نوجوانن جو عالمي ڏينهن ”مقامي نوجوان آبادي جي لاءِ پائيدار ترقياتي هدفن (ايس ڊي جيز) جي ڏس ۾ قدم“ جي عنوان جي طور تي ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوان آبادي نه رڳو عزم ۽ همت ۽ بهادري جو مثال آهي پر ملڪي معاشي ترقي ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي، نوجوان نه رڳو قومي ۽ عالمي افق تي ملڪ جو نالو روشن ڪن ٿا پر مقامي سطح تي پڻ معيشت جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هنرمند نوجوان معاشي سرگرمين ۾ پنهنجي ذهانت ۽ توانائين کي استعمال ۾ آڻيندي ترقي جا ثمر عوام تائين پهچائڻ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت نوجوانن جي تعليم، صلاحيتن، هنرمندي ۽ پيشيواراڻي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ مختلف پاليسين سان گڏوگڏ عملي قدم پڻ کڻي رهي آهي، نوجوان نسل جي جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت کان مڪمل آگاهي وفاقي حڪومت جي ترجيح آهي ته جيئن نوجوان نسل عالمي سطح تي ٻين ملڪن جي نوجوانن جي برابر ٿي سگهن. هن چيو ته قومي مصنوعي ذهانت پاليسي 2025ع بنا ڪنهن شڪ جي نوجوانن کي جديد دور جي گهرجن موجب ٽيڪنالاجي کي مختلف شعبن ۾ استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ڏيندي، وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام ڪاميابي سان لکين نوجوانن جي هنرمندي ۾ اضافو ڪري رهيو آهي، وزيراعظم يوٿ ڪاروبار ۽ زرعي قرض اسڪيم نوجوانن جي ڪاروباري ۽ آبادگاري جي صلاحيتن کي عملي جامعو پارائڻ جھي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نوجوان شاگردن جي لاءِ ٽيڪنيڪل ۽ آءِ ٽي ٽريننگ، پيڊ انٽرن شپ ۽ تعليم جي لاءِ قرض پروگرام پڻ حڪومتي قدمن ۾ شامل آهن، روزاني جي زندگي ۾ مختلف مقامي مسئلن جي حل ۾ نوجوان رضاڪارن جي شموليت اسان جي ملڪ جي خاصيت ۽ سماجي ورثو آهي، انهن رضاڪارن پاران ڪنهن به ايمرجنسي، مصيبت ۽ قدرتي آفتن ۾ ٻين جي بي لوث امداد ساراهه جوڳي آهي، انهي ڏس ۾ حڪومت اڏار پاڪستان تحت ڪميونٽي سطح تي پڻ نوجوانن جي لاءِ پليٽ فارمز جو اهتمام ڪيو آهي. هن چيو ته اچو اڄ جي ڏينهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، والدين، استاد، مذهبي ۽ سماجي اڳواڻ ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ته نوجوان نسل کي پنهنجي مذهبي، تهذيبي ۽ سماجي قدرن جو امين، معاشي ترقي ۽ جديد دور جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل روشن مستقبل جو ضامن بڻائينداسين.