اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ مراڪش جي سفير محمد ڪرمون ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ مراڪش جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي …
صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ مراڪش جي سفير محمد ڪرمون جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ مراڪش جي سفير محمد ڪرمون ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ مراڪش جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ مراڪش جا لاڳاپا گڏيل عقيدن، قدرن ۽ احترام تي ٻڌل آهن. صدر مختلف شعبن ۾ مراڪش سان ٻطرفي تعاون وڌائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مراڪش سان اقتصادي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر 2022ع جي ٻوڏ ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ مراڪش جا ٿورا مڃيا. صدر بادشاهه محمد ڇهين جي صحت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











