وزيراعظم پاران هنگامي موسمي صورتحال ۾ خطري ۾ ورتل علائقن جي ماڻهن کي اڳواٽ آگاهي يقيني بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگامي موسمي صورتحال ۾ خطري ۾ ورتل علائقن جي ماڻهن کي اڳواٽ آگاهي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اين ڊي ايم اي کي برساتن ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي ۾ صوبن سان پنهنجو تعاون وڌيڪ جامع بڻائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم اها هدايت اين ڊي ايم …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگامي موسمي صورتحال ۾ خطري ۾ ورتل علائقن جي ماڻهن کي اڳواٽ آگاهي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اين ڊي ايم اي کي برساتن ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي ۾ صوبن سان پنهنجو تعاون وڌيڪ جامع بڻائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم اها هدايت اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان ڳالهائيندي ڏني، جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي متاثرين لاءِ جاري امدادي سرگرمين ۽ مستقبل جي ڪنهن به هنگامي صورتحال جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي سندس هدايتن تي گلگت بلتستان ۾ ارلي وارننگ سسٽم کي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ ۽ ان حوالي سان موسمياتي تبديلي واري وزارت سان تعاون ۾ اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اين ڊي ايم اي تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي ۾ صوبن سان تعاون کي وڌيڪ جامع بڻائي ۽ موسم جي صورتحال ۽ اهڙين امڪاني هنگامي حالتن کي نظر ۾ رکندي خطري ۾ ورتل علائقن جي ماڻهن کي اڳواٽ آگاهي يقيني بڻائي وڃي.