سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي وڌيڪ 3 ڪارڪنن کي ماري ڇڏيو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي -12 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي  زوب ضلعي ۾ ڪليئرنس ڪارروائي دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي وڌيڪ 3 ڪارڪنن کي ماري ڇڏيو آهي. چئن ڏينهن ۾ پاڪ افغان سرحد تي اڳڀرائي خلاف آپريشن ۾ مارجي ويل فتنه الخوارج جي ڪارڪنن جو تعداد 50 ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب 7 کان 9 آگسٽ دوران سيڪيورٽي فورسز ڪامياب ڪارروائين …

راولپنڊي -12 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي  زوب ضلعي ۾ ڪليئرنس ڪارروائي دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي وڌيڪ 3 ڪارڪنن کي ماري ڇڏيو آهي. چئن ڏينهن ۾ پاڪ افغان سرحد تي اڳڀرائي خلاف آپريشن ۾ مارجي ويل فتنه الخوارج جي ڪارڪنن جو تعداد 50 ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب 7 کان 9 آگسٽ دوران سيڪيورٽي فورسز ڪامياب ڪارروائين دوران 47 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو. 10 ۽ 11 آگسٽ جي وچ واري رات پاڪ افغان سرحد سان سمبازه جي آسپاس وارن علائقن ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران وڌيڪ 3 هندوستاني حمايت يافته خوارجن کي ماريو ويو. مارجي ويل خوارجين وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ آيو. چئن ڏينهن ۾ پاڪ افغان سرحد وٽ دراندازي خلاف آپريشن دوران مارجي ويل خوارجين جو تعداد 50 ٿي ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ ۽ پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ وارين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.