ڪراچي -12 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن تي زور ڀريو آهي، ته هو جمهوريت، رواداري ۽ سماجي انصاف جهڙن قدرن سان متحد ۽ پرعزم رهن، نوجوان اسان جي قوم جي ڌڙڪن ۽ اسان جي مستقبل جا مشعل بردار آهن. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين چيو …
نوجوان جمهوريت، رواداري ۽ سماجي انصاف جهڙن قدمن سان متحد ۽ پرعزم رهن: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
ڪراچي -12 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن تي زور ڀريو آهي، ته هو جمهوريت، رواداري ۽ سماجي انصاف جهڙن قدرن سان متحد ۽ پرعزم رهن، نوجوان اسان جي قوم جي ڌڙڪن ۽ اسان جي مستقبل جا مشعل بردار آهن. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته پاڪستان جي نوجوانن جا خواب، اميدون هڪ خوشحال، پرامن ۽ جمهوري پاڪستان جي ويزن سان جڙيل آهن. هن چيو ته اسان کي درپيش چئلينج وڏا آهن، پر اسان جي نوجوان نسل جي طاقت به بي مثال آهي. مون کي سندن صلاحيتن تي پختو اعتماد آهي ته هو پاڪستان کي هڪ روشن مستقبل ڏانهن کڻي ويندا. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان پيپلز پارٽي، قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ سدائين نوجوانن کي پنهنجي پاليسين ۾ مرڪزي اهميت ڏني، چاهي اهو تعليمي موقعو هجي، روزگار جي فراهمي يا نوجوانن جي آواز کي فيصلا سازي ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اهو ورثو اڄ به جاري آهي. سنڌ جي بلدياتي نظام جي هر مرحلي ۾ نوجوانن کي ڀرپور نمائندگي حاصل آهي. سنڌ جي عوامي حڪومت طرفان متعارف ڪرايل شهيد بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام ۽ ان نوعيت جي ٻين قدمن تحت بيروزگار نوجوانن کي فني ۽ ووڪيشنل تربيت مفت فراهم ڪئي ويندي آهي ته جيئن هو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. هن نوجوانن سان پنهنجي پارٽي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته سندن حقن جو تحفظ ۽ سندن آواز کي هر فورم تي بلند ڪرڻ لاءِ هميشه ساڻن گڏ بيٺل رهندا. هن چيو ته نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مان هر نوجوان پاڪستاني کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته توهان پنهنجي سفر ۾ اڪيلا ناهيو، پيپلز پارٽي هميشه اوهان جي ساٿي، حمايتي ۽ وڪيل رهندي.











