اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته نوجوانن کي جديد علم ۽ ڊجيٽل مهارت ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، نوجوانن جي صلاحيتن کي نکاري روشن مستقبل جو بنياد رکي سگهجي ٿو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته سڄي …
نوجوانن کي جديد علم ۽ ڊجيٽل مهارت ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته نوجوانن کي جديد علم ۽ ڊجيٽل مهارت ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، نوجوانن جي صلاحيتن کي نکاري روشن مستقبل جو بنياد رکي سگهجي ٿو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا خاص ڪري پاڪستاني نوجوانن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، نوجوان قوم جو مستقبل آهن، پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي. نوجوانن کي سائنسي علم ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي تعليم ڏئي ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکن ٿا، ۽ پاڪستاني نوجوانن هر شعبي ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو آهي. سردار اياز صادق چيو ته آپريشن بنيان مرصوص ۾ نوجوانن بي مثال يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. پائيدار ترقي لاءِ نوجوانن کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۾ موقعا ملڻ گهرجن. اسپيڪر چيو ته موجوده پارليامان نوجوان نسل کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، قومي اسيمبلي ۾ نوجوانن لاءِ آئين ۽ پارلياماني قدرن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ انٽرن شپ پروگرام جاري آهن، جڏهن ته نوجوانن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ينگ پارليامينٽيرين فورم فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ساراهه جوڳو آهي.











