اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته جمهوريت ۽ سياست جو حسن ڳالهين ۾ آهي، ان حوالي سان ايوان جي ڪميٽي ٺاهي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته تحريڪ استحقاق جي حوالي سان باقاعده قاعدا موجود آهن، ڪالهه ڀارت ۾ راهول گانڌي گرفار ٿيو پر سندس پروڊڪشن آرڊر جاري نه …
جمهوريت ۽ سياست جو حسن ڳالهين ۾ ئي آهي، ان حوالي سان ايوان جي ڪميٽي ٺاهي وڃي: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته جمهوريت ۽ سياست جو حسن ڳالهين ۾ آهي، ان حوالي سان ايوان جي ڪميٽي ٺاهي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته تحريڪ استحقاق جي حوالي سان باقاعده قاعدا موجود آهن، ڪالهه ڀارت ۾ راهول گانڌي گرفار ٿيو پر سندس پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيا، رولز مطابق ملاقاتون نه ٿيڻ سان استحقاق مجروح نٿو ٿئي، ڪنهن به ميمبر کي پارلياماني ذميوارين جي ادائگي کان روڪڻ تي استحقاق مجروح ٿئي ٿو. حڪومت ۽ مخالف ڌر ڳالهيون ڪن، آئون سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، اسان اڳ به سهولت فراهم ڪئي هئي. اسپيڪر چيو ته ايوان اسان جو گرينڊ جرڳو آهي، هتي ڳالهايو. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي اسان جو گرينڊ جرڳو آهي. قانون واري وزير چيو ته اڄ نجي ڪارروائي جو ڏينهن آهي، مخالف ڌر بائيڪاٽ تي نظرثاني ڪري. مخالف ڌر اسان سان گڏ اچي ويهي، سياست جو حسن ڳالهين ۾ ئي آهي، ان تي ڪميٽي ٺاهي ڳالهيون ڪيون وڃن. اسپيڪر چيو ته قانون وارو وزير، گهرو وزير، نويد قمر ۽ مخالف ڌر مان ٻه ميمبر ويهن ۽ ان تي فيصلو ڪن. پيپلز پارٽي جي ميمبر عبدالقادر پٽيل چيو ته جڏهن ڪميٽي ويهي ته ان تي به غور ڪري ته اسان آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرائڻ لاءِ سڄي رات اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي آفيس ٻاهران موجود رهيا هئاسين. هو رات جو 3 وڳي پٺئين دروازي کان نڪري ڀڄي ويو هو. اهي پنهنجي گذريل دور ۾ کنيل قدمن تي معافي وٺي اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ جي شروعات ڪن. اسپيڪر چيو ته مخالف ڌر جي ميمبرن جي گرفتاري تي اوهان پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو چيو هو، ان دوران مخالف ڌر علامتي واڪ آئوٽ ڪيو.











