اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته اسان ان ڳالهه کي چڳي ريت ڄاڻون ٿا ته اهي ڪرسيون ۽ عهدا عارضي آهن، اسد قيصر طرفان جيڪو ملٽري ڪورٽس جي سزائن جو نظر ثاني بل آهي قانون واري وزارت ان جي توثيق ڪري ايوان ۾ آڻي جڏهن ته قانون واري وزير چيو ته ان بابت حڪومت به بل آڻڻ جي …
اسان ان ڳالهه کي چڱي ريت ڄاڻون ٿا ته اهي ڪرسيون ۽ عهدا عارضي آهن: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته اسان ان ڳالهه کي چڳي ريت ڄاڻون ٿا ته اهي ڪرسيون ۽ عهدا عارضي آهن، اسد قيصر طرفان جيڪو ملٽري ڪورٽس جي سزائن جو نظر ثاني بل آهي قانون واري وزارت ان جي توثيق ڪري ايوان ۾ آڻي جڏهن ته قانون واري وزير چيو ته ان بابت حڪومت به بل آڻڻ جي حوالي سان غور ڪري رهي آهي. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبر اقبال آفريدي جي اعتراض واري نڪتي تي چيو ته ان ايوان جو استحقاق مجروع ٿيو پر ڪو قدم ناهي کنيو ويو. اسپيڪر چيو ته اعتراض واري نڪتي تي تقرير ناهي ٿيندي، ٽو دي پوائنٽ ڳالهايو. اقبال آفريدي چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته فاٽا م آپريشن نه ڪيو وڃي. اسپيڪر چيو ته هتي ڪو مستقل ناهي ويهندو اسان انهن ڪرسين کي دل سان ناهيون لڳائيندا. اپوزيشن ميمبر اسد قيصر چيو ته مون فوجي عدالتن جي حوالي سان بل آندو هو، اهو ايجنڊا ۾ ناهي. اسپيڪر چيو ته اها وزارت قانون وٽ آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته اهڙو بل سرڪار طرفان به اچي سگهي ٿو. اهو هڪ قانوني معاملو آهي. اسپيڪر چيو ته اسد قيصر جي بل جي توثيق ڪري آندو وڃي.











