اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته نوجوان ملڪ جي ترقي جو سڀ کان قيمتي سرمايو آهن. روشن مستقبل لاءِ نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻو پوندو. هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نوجوان قومي يڪجهتي ۽ خوشحالي جا ضامن آهن، نوجوانن کي تعليم، هنر ۽ روزگار جا هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن. هن چيو …
ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻو پوندو: فيصل ڪريم ڪنڊي

مزید خبریں
اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته نوجوان ملڪ جي ترقي جو سڀ کان قيمتي سرمايو آهن. روشن مستقبل لاءِ نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻو پوندو. هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نوجوان قومي يڪجهتي ۽ خوشحالي جا ضامن آهن، نوجوانن کي تعليم، هنر ۽ روزگار جا هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن. هن چيو ته روشن مستقبل لاءِ نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻو پوندو. نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو گورنر جي حيثيت سان يوٿ انگيجمينٽ منهنجي بنيادي ترجيحن ۽ ايجنڊا ۾ شامل آهي. گورنر هائوس جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صوبي جي نوجوانن کي اسڪالرشپس فراهم ڪيون پيون وڃن. باصلاحيت نوجوانن جي تعليم، راند، هنر سميت سمورن شعبن ۾ مڪمل سرپرستي ۽ حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي.











