ڀارتي جيل ۾ قيد ڪشميري حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاهي ڏيڻ جون تياريون ٿي ويون آهن: مشعال ملڪ

اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي، ته ڀارتي جيل ۾ قيد ڪشميري حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاهي ڏيڻ جون تياريون ٿي ويون آهن. ياسين ملڪ سڄي دنيا ۾ آزادي ۽ امن جي علامت آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته 10 نومبر جي ڪيس جي اهم ٻڌڻي ٿيڻ واري آهي؛ ان کان اڳ …

اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي، ته ڀارتي جيل ۾ قيد ڪشميري حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاهي ڏيڻ جون تياريون ٿي ويون آهن. ياسين ملڪ سڄي دنيا ۾ آزادي ۽ امن جي علامت آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته 10 نومبر جي ڪيس جي اهم ٻڌڻي ٿيڻ واري آهي؛ ان کان اڳ عالمي ضمير کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ آواز بلند ٿي چڪو آهي. ڪشميرين جي جدوجهد هڪ نئين موڙ تي آهي، دنيا جون نظرون هاڻي ان فيصلي تي آهن. ياسين ملڪ آخري ساهه تائين ڪشميرين جي آزادي جو جهنڊو بلند رکندو، هن چيو ته ظلم جيترو وڌندو ڪشميرين جو حوصلو اوترو بلند ٿيندو. ڪشمير جو ٻار ٻار ياسين ملڪ جي جدوجهد جو امين آهي. هن چيو ته حق جي فتح ٿيندي، ظالم ناڪام ٿيندا ۽ کين شڪست ملندي، تاريخ گواه آهي ته ياسين ملڪ کي ڦاهي ڏيڻ جو ڀارتي منصوبو ظاهر ٿي چڪو آهي، سندس آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن چيو ته ياسين ملڪ جي حياتي خطري ۾ آهي ۽ دنيا جون نظرون ڀارتي فيصلي تي آهن.