چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽيرف معطلي ۾ توسيع تي اتفاق

بيجنگ-12 آگسٽ(اي پي پي) چين ۽ آمريڪا ٽيرف معطلي ۾ توسيع تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا اسٽاڪ هوم ۾ ٿيل ٻه طرفا اقتصادي ۽ واپاري اجلاس کان پوءِ هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن مطابق ٻنهي ملڪن اضافي ٽيرف معطلي جي مدي ۾ 90 ڏينهن جي توسيع تي اتفاق ڪيو آهي .بيان موجب آمريڪا چين جنهن ۾ هانگ ڪانگ ۽ مڪاو جا خاص انتظامي علائقا پڻ …

بيجنگ-12 آگسٽ(اي پي پي) چين ۽ آمريڪا ٽيرف معطلي ۾ توسيع تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا اسٽاڪ هوم ۾ ٿيل ٻه طرفا اقتصادي ۽ واپاري اجلاس کان پوءِ هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن مطابق ٻنهي ملڪن اضافي ٽيرف معطلي جي مدي ۾ 90 ڏينهن جي توسيع تي اتفاق ڪيو آهي .بيان موجب آمريڪا چين جنهن ۾ هانگ ڪانگ ۽ مڪاو جا خاص انتظامي علائقا پڻ شامل آهن، مان درآمد ٿيندڙ شين تي لاڳو اضافي ايڊ ويليو ڊيوٽي جي شرح ۾ 24 سيڪڙو رعايت کي وڌيڪ 90 ڏينهن لاءِ معطل رکيو ويندو جيڪو 12 آگسٽ کان لاڳو ٿيندو. اهڙي ريت چين پڻ آمريڪا کان امپورٽ ڪيل شين تي 24 سيڪڙو اضافي ايڊ ويليو ڊيوٽي ۽ ان بابت غير ٽيرف جوابي قدمن کي 90 ڏينهن لاءِ معطل رکندو.