بيجنگ -12 آگسٽ (اي پي پي) چين آمريڪا جي ڪجهه ادارن تي برآمدي پابنديون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب چين جي واپار واري وزارت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽاڪ هوم ۾ ٿيل اعليٰ سطح جي اقتصادي ۽ واپاري اجلاس ۾ طئي ٿيل اتفاق راءِ تحت آمريڪا طرفان ڪجهه ادارن تي لاڳو ٿيل برآمدي ڪنٽرول قدمن کي معطل يا ختم ڪيو ويو …
چين پاران آمريڪا جي ڪجهه ادارن تي برآمدي پابنديون معطل

مزید خبریں
بيجنگ -12 آگسٽ (اي پي پي) چين آمريڪا جي ڪجهه ادارن تي برآمدي پابنديون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب چين جي واپار واري وزارت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽاڪ هوم ۾ ٿيل اعليٰ سطح جي اقتصادي ۽ واپاري اجلاس ۾ طئي ٿيل اتفاق راءِ تحت آمريڪا طرفان ڪجهه ادارن تي لاڳو ٿيل برآمدي ڪنٽرول قدمن کي معطل يا ختم ڪيو ويو آهي. وزارت موجب 4 ۽ 9 اپريل 2025ع تي چين جي 28 آمريڪي ادارن کي برآمدي ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو هو، جنهن تحت انهن ادارن کي ريسائيڪل ٿيندڙ شين جي امپورٽ تي پابندي لڳائي وئي هئي. 14 مئي تي واپار واري وزارت انهن 28 آمريڪي ادارن تي لاڳو برآمدي ڪنٽرول قدمن کي 90 ڏينهن لاءِ معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. جاري ڪيل تازي بيان ۾ چيو ويو آهي، ته 4 اپريل واري لسٽ ۾ شامل ڪيل 16 آمريڪي ادارن لاءِ ان معطلي ۾ وڌيڪ 90 ڏينهن جي توسيع ڪئي وئي آهي. جڏهن ته 9 اپريل تي شامل ڪيل 12 ادارن خلاف اهڙن قدمن کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي.











