واشنگٽن -12 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن فرانس، ڪينيڊا ۽ برطانيه پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ واري منصوبي تي تنقيد ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽنهي ملڪن پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ وارو فيصلو جيتوڻيڪ اخلاقي طور تي صحيح آهي، پر اهو قدم مڪمل طور تي حقيقن جي ابتڙ آهي. هن چيو ته هن وقت غزه جي حوالي سان غزه جي …
اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ واري فرانس، ڪينيڊا ۽ برطانيه جي منصوبي تي تنقيد

مزید خبریں
واشنگٽن -12 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن فرانس، ڪينيڊا ۽ برطانيه پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ واري منصوبي تي تنقيد ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽنهي ملڪن پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ وارو فيصلو جيتوڻيڪ اخلاقي طور تي صحيح آهي، پر اهو قدم مڪمل طور تي حقيقن جي ابتڙ آهي. هن چيو ته هن وقت غزه جي حوالي سان غزه جي رهواسين کي ڏڪار کان بچائڻ، اسرائيلي يرغمالين جي آزادي ۽ غزه ۾ جنگ جو خاتمو پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته فرانس، برطانيه ۽ ڪينيڊا پاران فلسطينين کي غير مشروط طور تي تسليم ڪرڻ واري فيصلي جي نتيجي ۾ فلسطيني رياست قائم ٿيندي نه ئي غزه ۾ مشڪلاتون ختم ٿينديون. جڏهن ته ان جي بدران ٽنهي ملڪن سان گڏوگڏ آمريڪا کي پڻ فلسطيني رياست تسليم ڪرڻ لاءِ هڪ مدي اندر فلسطيني رياست کي شرطن جي بنياد تي تسليم ڪرڻ جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. هن اهو واضح نه ڪيو ته اهي شرط ڪهڙا هجڻ گهرجن. هن چيو ته غزه تي اسرائيل جي قبضي سان اسرائيلي يرغمالين جي آزادي ۾ مدد ملڻ جو ڪو به امڪان ناهي.











