نئين دهلي -12 آگسٽ (اي پي پي) ايئر انڊيا دهلي کان آمريڪي گادي واري هنڌ واشنگٽن لاءِ پنهنجون اڏامون پهرين سيپٽمبر کان معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني اهو اعلان ڪندي ٻڌايو ته جهاز گهٽ آهن ڇاڪاڻ ته انهن کي اپگريڊ ڪرڻ جو منصوبو اڳ کان ئي شروع آهي. ايئر انڊيا وٽ موجود بوئنگ جهاز پراڻا آهن ۽ پاڪستان طرفان ايئر اسپيس بند ڪرڻ کان پوءِ …
ايئر انڊيا پاران دهلي کان واشنگٽن لاءِ اڏامون پهرين سيپٽمبر کان معطل ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
نئين دهلي -12 آگسٽ (اي پي پي) ايئر انڊيا دهلي کان آمريڪي گادي واري هنڌ واشنگٽن لاءِ پنهنجون اڏامون پهرين سيپٽمبر کان معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني اهو اعلان ڪندي ٻڌايو ته جهاز گهٽ آهن ڇاڪاڻ ته انهن کي اپگريڊ ڪرڻ جو منصوبو اڳ کان ئي شروع آهي. ايئر انڊيا وٽ موجود بوئنگ جهاز پراڻا آهن ۽ پاڪستان طرفان ايئر اسپيس بند ڪرڻ کان پوءِ ڪمپني کي خساري جو منهن ڏسڻو پيو هو. ايئر انڊيا جي اڏامن جا رستا پاڪستاني فضائي حدن جي بندش سبب ڊگها ٿي ويا آهن ۽ آپريشنل مونجهارن ۾ به اضافو ٿيو آهي. ايئر لائين پنهنجي جهازن کي اپگريڊ ڪرڻ لاءِ 400 ملين ڊالرن جو پروگرام شروع ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي فضائي حدن جي پابندي سبب ڪمپني کي خدشو آهي ته 12 مهينن دوران اهو خرچ 600 ملين ڊالرن تائين پهچي ويندو. ايئر انڊيا چيو آهي، ته ان جي مسافرن وٽ نيويارڪ، شڪاگو ۽ سان فرانسسڪو ۾ ايئر لائين جي انٽر لائين پارٽنرز سان واشنگٽن ڊي سي لاءِ اڏامن جي چونڊ جو آپشن هوندو.











