اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحدي علائقي سمبازه ۾ خوارج خلاف هڪ ٻي ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم ڪُجهه ڏينهن اڳ ساڳئي علائقي ۾ …
وزيراعظم پاران سمبازه ۾ خوارج خلاف هڪ ٻي ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحدي علائقي سمبازه ۾ خوارج خلاف هڪ ٻي ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم ڪُجهه ڏينهن اڳ ساڳئي علائقي ۾ 47 خوارجن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ کانپوءِ گذريل رات هندستان جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ 3 وڌيڪ پرڏيهين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته مُلڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مُڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رهندي. هن چيو ته پاڪستاني فوج ڏينهن رات مُلڪ کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جنهن لاءِ مون سميت پوري قوم انهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي اڻٿڪ عزم جي لاءِ پُوري قوم پاڪ فوج سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.











